لاڙڪاڻو( رپورٽ: شاھ محمد لاشاري) ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ محمد پناهه اوڍو جي ناري مهتاب کي سندس گهر ڀاتين جهٽڪن جي بيماري سبب چانڊڪا اسپتال آندو جتي  مبينا طور علاج نه ملڻ تي وارث ناري کي ڊاٽسن ۾ رکي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي پٽون پاراتا ڏئي روئيندا رهيا جنهن دوران عورت ڊاٽسن ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، ناري جي موت جي تصديق بعد سندس وارث لاش مٿان ر روئيندا رهيا جن ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف احتجاج پڻ ڪيو جن جي اسپتال جي سيڪيورٽي انچارج سان منهن ماري پڻ ٿي. ان موقعي تي وارث عبدالرحمٰن اوڍو الزام لڳايو ته مهتاب کي جهڪٽن جي علاج لاءِ کڻائي آياسين.مريض کي ڊاٽسن ۾ رکي ڊاڪٽرن کي ايلاز منٿون ڪيون پر انهن اسان جي هڪ به نه ٻڌي جنهن ڪري مهتاب خاتون ڊاٽسن ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي.علاج ۾ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت اسين عدالت جو در کڙڪائينداسين. هوڏانهن ايمبولينس نه ملڻ سبب فوتي ناري جو لاش وارث ڊاٽسن ۾ کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار شيخ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته لڳايل الزام بي بنياد آهن مريضا جا وارث ان کي پنهنجي ڳوٺ کان ڊاٽسن تي کڻائي آيا هئا ۽ ان جي حالت خراب هئڻ هو فوت ٿي وئي هئي، جڏهن ايمبولينس اسپتال اندر موجود هئي وارثن پاران ساڳئي ڊاٽسن تي عورت جو ناري جو لاش کڻائي ڳوٺ روانو ٿي ويا هن وڌيڪ چيو ته جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن اسپتال عملي جي ڪا غفلت ڪٿي نظر آئي ته ان کي بخش نه ڪيو ويندو.