سيٺارجا (ن پ ا) ڪراچيءَ ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيل سيٺارجا واسي سول  جج شفقت حسين سولنگي جي جنازي نماز سيٺارجا ۾ ادا ڪئي وئي. آخري رسمن ۾ ججن، وڪيلن ۽ صحافين توڙي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ پاران فوتي سول جج جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي وئي. تفصيل خبر موجب گذريل ڏينهن ڪراچيءَ جي سٽي ڪورٽ ۾ مقرر سول جج دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيل سيٺارجا واسي نوجوان سول جج شفقت حسين سولنگي جي جنازي نماز ڪالهه هتي عثمان آباد محلي ۾ ادا ڪئي وئي. آخري رسمن ۾ سيشن جج نعيم ميمڻ،  سول ججن قابل مهر، شاهد ميتلو، محمد دائود ڪٻر، شفقت نائي، ڪامران هڪڙو، واجد علي چنا، منور علي شر، طاهر رحمان، طارق اڄڻ،  شهباز شيخ، نياز حسين ڪانڌڙو، سلامت علي سميت نامور وڪيلن، صحافين توڙي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران مرحوم جي قبر تي گلن جي چادر پڻ چاڙهي وئي. فوتي شفقت حسين سولنگي ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ ۽ سول جج طور ذميواريون نڀائي رهيو هو ته ڪورٽ ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي نوجوان جي وفات تي گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور جي سڏ تي پوري ضلعي جي وڪيلن عدالتي ڪارروايون معطل ڪري ڇڏيون. جڏهن ته وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.