لاهور / ڪراچي ( نمائندن وٽان) ٽاڪ ٽاڪ گرل حريم شاهه پاران وزير گهوٽ جي هٿ واري جاري ڪيل تصوير لاهور جي واپاري حسن اقبال جي نڪتي، ان ڏس ۾ حريم شاهه جي وڊيوز ۾ ايندڙ حسن اقبال جو چوڻ هو ته فوٽو ۾ ڏيکاريل مرادڻو هٿ، پاتل منڊي ۽ روليڪس واچ منهنجي آهي، هن وڌيڪ چيو ته فوٽو ۾ ڏيکاريل عورتاڻو هٿ پڻ حريم شاهه نه پر منهنجي ساهيڙي جو آهي، هن چيو ته مونکي خبر ناهي ته منهنجي ذاتي تصوير حريم شاهه کي ڪيئن ملي؟ واضح رهي ته حريم شاهه دعويٰ ڪئي هئي ته هن سنڌ جي اڳ ۾ ئي پرڻيل صوبائي وزير سان نڪاح ڪيو آهي، اهي جلد هني مون ملهائڻ لاءِ ترڪي ويندا.