ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ ٻئي ڏينهن به حريم شاھ جي شادي جو موضوع ذڪر هيٺ رهيو، پ پ ايم پي اي ذوالفقار شاھ جيئن ايوان ۾ پهتو ته فنڪشنل ليگ جي وريام فقير، ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ، هير سوهو ۽ ٻين ايم پي ايز شادي جون مبارڪون ڏنيون، انهي دوران ذوالفقار اسپيڪر کان اجازت وٺي وضاحت پيش ڪندي چيو ته آئون شادي شده ۽ ٻچڙيوال آهيان، اجايو بدنام ڪيو پيو وڃي، مون شادي ناهي ڪئي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته شادي ڪرڻ ڏوھ ناهي پر اهڙي اطلاع بعد پنهنجي گھر وڃي ڏيکار ته خبر پوي. آغا سراج دراني چيو ته جنهن به حريم شاھ سان شادي ڪئي هجي، اهو اسان کي ڀت ضرور کارائي.