ڪراچي: سنڌ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير نواب تيمور ٽالپر چيو آهي ته حريم شاهه سان شادي ڪرڻ کان بهتر آهي ته آپگهات ڪري ڇڏيان، هن وڌيڪ چيو ته آئون به روليڪس واچ پائيندو آهيان پر رولڪيس واچ ذريعي وزير جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏکي آهي، هن چيو ته پارٽي (پ پ ) پڻ حريم شاهه سان شادي ڪندڙ کي ڳولي رهي آهي، هن چيو ته لڳي پيو ته حريم شاهه سستي شهرت لاءِ شادي جا افواهه پکيڙيا آهن.