اسلام آباد (م ڊ) ڊپلوميٽڪ انڪليو اسلام آباد ۾ تاريخ جي سڀني کان وڏي چوري ٿي آهي. نامعلوم ماڻهو اٽلي جي سفارتخاني جي لاڪرز روم مان هڪ هزار شينجن ويزا اسٽيڪرز چوري ڪري ويا آهن، اطالوي سفير پرڏيهي وزارت ۽ وفاقي جاچ اداري کي گڏيل جاچ جي لاءِ هنگامي خط اماڻي ڇڏيو آهي. چوري ٿيل 750 شينجن ويزا اسٽيڪرز جا سيريل نمبرز I.T.A041913251 کان I.T.A041914000 آهن ۽ 250 ويزا اسٽيڪرز جا سيريل نمبر I.T.A041915751 کان I.T.A041916000  آهن۔ اطالوي سفارتخاني پاڪستان جي سمورن اچڻ ۽ وڃڻ وارن رستن تي سخت چيڪنگ جي درخواست ڪئي آهي. پاڪستان جي سمورن هوائي اڏن تي ان سيريل نمبرز سان ويزا ماڻيندڙ پاسپورٽس تي نظر رکي وڃي. اختيارين جو چوڻ آهي ته اهڙا پاسپورٽس رکندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي، جن تي چوري ٿيل ويزا اسٽيڪرز جو نمبر لڳل هجي.  ذريعن جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته پرڏيهي وزارت ايف آءِ اي ۽ گهرو وزارت کي جاچ لاءِ لکي ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي خط کانپوءِ ايف آءِ اي کي جاچ جي لاءِ ضروري حڪم جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اطالوي سفارتخانو معاملي جي پاڻ به جاچ ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب چوري ٿيل ويزا اسٽيڪرز جي ٽريڪنگ جي لاءِ سمورن انٽري ۽ ايگزٽ پوائنٽس تي نگراني ڪئي ويندي. جيئن ئي چوري ٿيل ويزا اسٽيڪرز استعمال ٿين انهن کي قبضي ۾ ورتو وڃي ۽ پرڏيهي آفيس ۽ سفارتخاني کي به آگاهه ڪيو وڃي.