لنڊن (م ڊ) مسلم ليگ نواز جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف حامد مير کان پروگرام کسڻ کي مٿس حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ان عمل جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته حامد مير تي تازو وار هجي، سليم شهزاد جو قتل هجي، ابصار عالم تي قاتلاڻو حملو، مطيع الله جان ۽ گل بخاري کي اغوا ڪرڻ يا احمد نوراني، اسد طور، عمر چيما، بلال فاروقي ۽ عزاز سيد تي تشدد هجي. ان کان اڳ جو فسطائيت پاڪستان جو وجود خطري ۾ وجهي ڇڏي اسان کي ان جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي.