اسلام آباد (م ڊ) صحافي اسد علي طور تي حملو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندڙ سينئر صحافي ۽ اينڪر پرسن حامد مير کي سندس اداري جيو نيوز پروگرام کسي موڪل تي اماڻي ڇڏيو آهي. ملڪ جي سياسي سماجي اڳواڻن، انساني حقن جي ادارن ان ڳالهه جي سخت مذمت ڪئي آهي. مليل اطلاعن موجب سينئر صحافي حامد مير صحافي اسد طور تي حملي خلاف اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي نالو کڻڻ کانسواءِ ڪجهه ادارن ۽ انهن جي آفيسرن تي سخت تنقيد ڪئي هئي ان جي رد عمل ۾ پهرين سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي وئي ۽ ٽرينڊ هلايا ويا، پر هاڻ حامد مير جي اداري جيو نيوز کائنس ٽاڪ شو ڪيپيٽل ٽاڪ کسي ڇڏيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته حامد مير کي موڪل تي اماڻيو ويو آهي. ڪالهه حامد مير جو پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ حامد مير بدران عبدالله سلطان ڪيو. ان باري ۾ حامد مير جو چوڻ آهي ته مون کي جيو جي انتظاميا رڳو اهو ٻڌايو ته سومر کان تون ڪيپيٽل ٽاڪ جي ميزباني نه ڪري سگهندين هنن چيو ته تمام گهڻو دٻاءُ آهي، پر هنن اهو نه ٻڌايو ته اهو دٻاءُ ڪٿان اچي رهيو آهي؟ اها ڳالهه ٻن ٽن ڏينهن کان هلي رهي هئي. هن بي بي سي کي ٻڌايو ته اداري جي انتظاميا مون کي چيو ته پريس ڪلب سامهون ڪيل تقرير جي وضاحت يا ترديد ڪريان، مون پڇيو ته اهو توهان کي ڪير پيو چوي؟ هو اسد طور تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪن ٿا ته وضاحت ڇڏيو معافي به گهرڻ لاءِ تيار آهيان، هن ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهو سڀ ڪجهه مون لاءِ نئون ناهي، مون تي ٻه ڀيرا پابندي لڳي، ٻه ڀيرا نوڪري مان ڪڍيو ويس، حملن باوجود جيئرو آهيان، پر آئيني حقن لاءِ آواز اٿارڻ کان نه ٿو مڙي سگهان، هن ڀيري هر قسم جا نتيجا ڀوڳڻ ۽ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيان، ڇو ته منهنجي خاندان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن ڀيري منهنجي گهرواري ۽ ڌيءُ کي ڌمڪيون مليون آهن منهنجي ڀاءُ کي ايف آءِ اي ڪنهن پراڻي ڪيس ۾ طلب ڪيو آهي. جڏهن ته الجزيره دعويٰ ڪئي آهي ته جيو وارن تي دٻاءُ آهي ته حامد مير کي نوڪري مان ڪڍيو وڃي.ٻئي طرف جيو نيوز جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته حامد مير کي ڪجهه وقت لاءِ موڪل تي روانو ڪيو ويو آهي هو اڃا به جنگ گروپ سان واڳيل رهندو. ٻئي طرف انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنيسٽي انٽرنيشنل ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽش حامد مير کي آف ايئر ڪرڻ جي مذمت ڪندي ان کي اظهار جي آزادي تي حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته اها پابندي حڪومت جي اظهار جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ جي دعوائن جي ترديد آهي. جڏهن ته پاڪستان جي انساني حقن جي تنظيم ايچ آر سي پي، عالمي تنظيم ڪاميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس سي پي جي به ان جي مذمت ڪئي آهي.