اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت اليڪٽرانڪ، پرنٽ، ڊجيٽل ميڊيا کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءِ پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي نالي آرڊيننس 2021ع جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي، تيار ڪيل آرڊيننس جي ڊرافٽ ۾ چيو ويو آهي ته آرڊيننس جاري ٿيڻ کان پوءِ سڄي پاڪستان جن ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان به شامل آهن ان تي لاڳو تصور ٿيندو، مسودي ۾ چيو ويو آهي ته آرڊيننس جاري ٿيڻ کان پوءِ وفاقي حڪومت جلد سرڪاري گزيٽ نوٽيفڪيشن ذريعي هڪ اٿارٽي پي ڊي ايم اي (پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي) قائم ڪندي، اٿارٽي جي هيڊآفيس اسلام آباد جڏهن ته چئني صوبن جي صوبائي هيڊڪوارٽر ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا پشاور ۾ ريجنل آفيسون اٿارٽيون جون قائم ٿينديون اها اٿارٽي اليڪٽرانڪ ميڊيا، ريڊيو، پرنٽ ميڊيا، ڊجيٽل ميڊيا جا ادارا کولڻ ۽ انهن جي آپريشن کي ريگيوليٽ ڪرڻ جو اختيار رکندي، اٿارٽي ميڊيا جي ادارن جي قومي، صوبائي، ضلعي ۽ لوڪل سطح تي ڊسٽريبيوشن جي مامرن کي به ڏسي سگهندي، اٿارٽي جو ڪم اخبارن، نيوز ايجنسين، ميگزين، ٽي وي چينلز، ويب ٽي وي، آن لائن نيوز پليٽ فارمز جي رجسٽريشن/تجديد/ڊڪليريشن/ اين او سي ۽ مانيٽر ڪرڻ هوندو، اٿارٽي حڪومت جي ماتحت هوندي، جڏهن به وفاقي حڪومت ضروري سمجهندي پاليسي ميٽرز تي اٿارٽي کي هدايت ڪري سگهندي، اٿارٽي حڪومتي هدايتن جي پابند هوندي، اٿارٽي جي طرفان جيڪڏهن ڪو سوال اٿاريو ويندو ته حتمي فيصلو حڪومت ڪندي، اٿارٽي وٽ ٽي وي، ريڊيو، اخبارن جا لائسنس ۽ رجسٽريشن جا به اختيار هوندا، اٿارٽي کي لائسنس في مقرر ڪرڻ، سالياني في مقرر، لائسنس جي رينيو جي في لاڳو ڪرڻ، ليوي في ۽ ٻيا چارجز لاڳو ڪرڻ جو به اختيار هوندو، ڪنهن به اينڪر پرسن، ماڊريٽر، ميزبان پاران نظريه پاڪستان يا پاڪستان جي خودمختياري، سالميت يا سيڪيورٽي بابت ڪنهن پروپيگنڊا يا عمل جي تشهير هن قانون جي خلاف ورزي تصور ٿيندي، هن آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪندڙ ميڊيا جي ادارن توڙي صحافين کي ٽن سالن جي قيد ۽ 22 ڪروڙ 50 لک رپين جي ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، هڪ ئي وقت ٻئي سزائون به ٿي سگهن ٿيون، اگر ڪوئي لائسنس، رجسٽريشن، ڊڪليئريشن يا اين او سي هولڊر يا صحافي خلاف ورزي کي ورجائيندو ته ان کي 5 سال قيد ۽ 22 ڪروڙ 50 لک جي ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، آرڊيننس تحت ڪو به يوٽيوب چينل حڪومت جي اجازت کانسواءِ نه هلي سگهندو، ان لاءِ لائسنس وٺڻو پوندو، ان کي پنهنجو ڪونٽينٽ ٻڌائڻو پوندو، هن آرڊيننس جي دائري ۾ ٽوئيٽر ۽ فيس بوڪ به ايندا. اٿارٽي هڪ چيئرمين ۽ 11 ميمبرن تي مشتمل هوندي، اٿارٽي جو چيئرمين وفاقي حڪومت جي سفارش تي صدر مقرر ڪندو، اٿارٽي جي چيئرمين جي عهدي تي گريڊ 21 يا 22 جو انفارميشن گروپ جو ڪو آفيسر مقرر ٿي سگهندو، اٿارٽي جي 11 ميمبرن مان وفاقي حڪومت 6 ميمبر مقرر ڪندي، جڏهن ته 6 ميمبر نجي مقرر ٿيندا، سرڪاري ميمبرن ۾سڌ سماءَ وزارت، گهرو وزارت جا سيڪريٽري، پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي جو چيئرمين، چيئرمين ايف بي آر، چيئرمين ڪامپيٽيشن ڪميشن ميمبر هوندا، چيئرمين کي 4 سالن لاءِ مقرر ڪري سگهبو، صدر يا وفاقي حڪومت کي چيئرمين يا ڪنهن ميمبر کي هٽائڻ جو اختيار هوندو، هن آرڊيننس تحت گريڊ 20 جي آفيسرن کي اليڪٽرانڪ ميڊيا، ڊجيٽل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا لاءِ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر مقرر ڪري سگهبو، اٿارٽي کي ڪنهن به ميڊيا جي اداري جي رجسٽريشن، لائسنس، ڊڪليئريشن ۽ اين او سي معطل يا ختم ڪرڻ جو اختيار هوندو، هن آرڊيننس تحت وفاقي حڪومت مختلف حدن تي ٻڌل ميڊيا ٽربيونل قائم ڪري سگهندي، ٽربيونل جو سربراهه هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجڻ جي اهليت رکندڙ کي مقرر ڪري سگهبو، ٽربيونلن جي فيصلن خلاف متاثر ڌر 30 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪري سگهندي، جنهن اپيل جي ٻڌڻ لاءِ به ٽربيونل قائم ٿيندا، جنهن اپيل جو فيصلو ٽربيونل 45 ڏينهن ۾ ڪندا.