ڪراچي: وفاقي حڪومت سينئر اينڪر ۽ صحافي حامد مير کان پروگرام کسرائڻ واري عمل کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪنهن نشرياتي اداري کي ڪهڙو پروگرام نشر ڪرڻو آهي ۽ ان جي ٽيم ڪهڙي هوندي اهو فيصلو ادارا پاڻ ڪندا آهن اسان جو ادارن جي اندروني فيصلن سان ڪو واسطو نه آهي. سمورا ادارا آئن جي آرٽيڪل 19 تحت پنهنجي پاليسي ٺاهڻ جا پاڻ ذميوار آهن.