اسلام آباد: پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي هڪ چيئرمين ۽ 11 ميمبرن تي مشتمل هوندي، اٿارٽي جو چيئرمين وفاقي حڪومت جي سفارش تي صدر مقرر ڪندو، اٿارٽي جي چيئرمين جي عهدي تي گريڊ 21 يا 22 جو انفارميشن گروپ جو ڪو آفيسر مقرر ٿي سگهندو، اٿارٽي جي 11 ميمبرن مان وفاقي حڪومت 6 ميمبر مقرر ڪندي، جڏهن ته 6 ميمبر نجي مقرر ٿيندا، سرڪاري ميمبرن ۾سڌ سماءَ وزارت، گهرو وزارت جا سيڪريٽري، پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي جو چيئرمين، چيئرمين ايف بي آر، چيئرمين ڪامپيٽيشن ڪميشن ميمبر هوندا، چيئرمين کي 4 سالن لاءِ مقرر ڪري سگهبو، صدر يا وفاقي حڪومت کي چيئرمين يا ڪنهن ميمبر کي هٽائڻ جو اختيار هوندو، هن آرڊيننس تحت وفاقي حڪومت مختلف حدن تي ٻڌل ميڊيا ٽربيونل قائم ڪري سگهندي، ٽربيونل جو سربراهه هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجڻ جي اهليت رکندڙ کي مقرر ڪري سگهبو، ٽربيونلن جي فيصلن خلاف متاثر ڌر 30 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪري سگهندي، اپيل جو فيصلو ٽربيونل 45 ڏينهن ۾ ڪندا.