ڪراچي( رپورٽ: فقير سليم  ) جماعت اسلامي حافظ نعيم کي ميئر لاءِ پنهنجو فائنل  اميدوار نامزد ڪري سمورين پارٽين کي ڪراچي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي . اڄ پي ٽي آءِ سان ملاقات جو فيصلو ـ ان ڏس ۾ جماعت اسلامي  پاران ڪراچي ۾ مڪاني چونڊ کٽڻ جي خوشي ۾ يوم تشڪر جو جلسو ڪوٺايو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير مولانا سراج الحق چيو ته سنڌ ۾ گذريل 15 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي،  وزير ۽ مشير پيپلزپارٽي جا آھن، انهي باوجود ڪراچي واسين جماعت اسلامي کي مينڊيٽ ڏنو،  عوام مسئلن جو حل چاھي ٿو،  ھن چيو ته ڪراچي جا ماڻهو جماعت اسلامي ۾ اميدون رکي ويٺل آھن،   هن چيو ته پيپلزپارٽي  ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿي ، اها 15 سالن ۾ اندرون سنڌ  لاءِ ڇا ڪري سگھي آھي؟ ڪراچي جا ماڻهو جيڪڏهن جماعت اسلامي جو ميئر آڻڻ چاھين ٿا ته  پيپلزپارٽي جي پيٽ تي لت ڏئي به وٺي وينداسين،  پ پ تسليم ڪري ته حافظ نعيم ئي ڪراچي جو ميئر ٿيندو،  ھن چيو ته جماعت اسلامي واحد جماعت آھي، جنهن وٽ منشور سان گڏ سڀني کي گڏ کڻي ھلڻ جي به صلاحيت آھي، هن چيو ته ماڻهو چون ٿا ته جماعت اسلامي جو ميئر آيو ته پ پ حڪومت فنڊ نه ڏيندي، آئون کين چوان ٿو ته جيڪڏهن اوھان جي پيءَ جا فنڊ آھن ته پوءِ  ھڪ رپيو به نه ڏجو پر جيڪڏهن ڪراچي جا ئي پئسا آھن ته اسان ڳچي مان جھلي فنڊ وٺنداسين،  انهي کان اڳ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي کي ڪراچي واسين مينڊيٽ ڏنو آھي، اسان  اھو مينڊيٽ ڪنهن کي به کسڻ نه ڏينداسين،  جيڪو ڪراچي جي بھتري لاءِ ڪم ڪرڻ چاھي ٿو،  اھو سمورن اختلافن باوجود ڪراچي خاطر گڏ ٿئي، اسان اڄ  پي ٽي آءِ  وارن سان ملنداسين .