ڊيووس(م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيو ورلڊ آرڊر سبب ترقي پذير ملڪ ڏکيائين جو شڪار آهن. ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم دوران سيڪيورٽي ۽ ڪوآرڊينيشن جي موضوع تي سيشن دوران خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيو ورلڊ آرڊر سبب ايشيائي ملڪ، خاص طور ترقي پذير ملڪ ڏکيائين جو شڪار آهن، ٽين دنيا جي معيشت دٻاءَ جو شڪار آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمي تبديلي سميت مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪو به ملڪ چئلينجن کي اڪيلي سر منهن نٿو ڏئي سگهي، ان کي ٻين ملڪن جو سهڪار گهربل هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته روس يوڪرين تڪرار سبب دنيا ۾ گئس مهانگي ٿي، انساني بحران جنم ورتو، جنگ جا دنيا تي ناڪاري اثر پيا، ان معاملي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي، پاڪستان ڪنهن جنگ جي حق ۾ ناهي ۽ تڪرار جي حل جو خواهشمند آهي، پاڪستان جو موقف آهي ته جنگ سان غربت ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجهه ناهي مليو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يوڪرين معاملي تي گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ٿيندو آهي پر افسوس اولهه لاءِ ڪشمير تي گڏيل قومن جا ٺهراءَ رڳو ڪاغذي رهجي ويندا آهن، ڪشميري به آزادي لاءِ دنيا ڏانهن واجهائي رهيا آهن. بلاول چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ توانائي جي بحران وارن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، روس ۽ يوڪرين تڪرار جو حل به سفارتي ڪوششن سان ئي ممڪن ٿيندو. ٻئي طرف آمريڪي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته جيڪڏهن پ پ ايندڙ چونڊون کٽيون ته وزيراعظم طور گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس. دهشتگردي سان مقابلي جو اڪيلو رستو جمهوريت آهي، اسان وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي صدر بائيڊن جي مضبوط رابطن جي اميد رکون ٿا. هن چيو ته افغانستان حقيقت آهي، اسان کي عبوري افغان حڪومت کان اڳ کان وڌيڪ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، دهشتگرد گروپن بابت پاڪستان ۽ آمريڪا جا مفاد هڪ جهڙا آهن. هن چيو ته دهشتگردي تي فوجي ۽ سياسي قيادت جو موقف واضح آهي، افسوس جو عمران خان جي حڪومت ٽي ٽي پي طرف نرم هئي، عمران نه رڳو ٽي ٽي پي وارن کي آزاد ڪيو پر انهن سان ڳالهيون به ڪيون. ان باري ۾ اسين واضح آهيون ته دهشتگرد تنظيمن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. يقين آهي ته جيڪڏهن عبوري افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪريون ته پنهنجي سيڪورٽي بهتر ڪري وينداسين، پاڪستان ۽ افغانستان اڪيلا دهشتگردي جو مقابلو ڪري نه ٿا سگهن. ٻنهي ملڪن کي گڏجي ائين ڪرڻو پوندو اسان ٻئي دهشتگردي جو شڪار آهيون. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستن جو عوام امن چاهي ٿو، پاڪستان ۽ ڀارت کي غربت ۽ موسمي تبديلي جهڙن چيلنجن کي منهن ڏيڻو آهي، ڀارتي گجرات ۾ وڳوڙن جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته اسان کي ماضي بدران مستقبل طرف ڏسڻ گهرجي.