ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم اختر سپريم ڪورٽ  کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تازو ٿيل مڪاني اليڪشن جو نوٽيس وٺي  نتيجا رد ڪري ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته مڪاني اليڪشن کي پنج ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين فائنل نتيجا ناھن آيا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آھي، هن چيو ته  فافن جي رپورٽ ۾ اليڪشن تي سوال اٿاريا ويا آهن ،  جنهن مان اسان جا سمورا خدشا صحيح ثابت ٿيا آهن،  ھن چيو ته ڪٿي ٽرن آئوٽ 11 ۽ ڪٿي وري 5 سيڪڙو رهيو ، ايتري گھٽ ٽرن آئوٽ جو سبب اسانجو بائيڪاٽ آھي هن چيو ته ـسنڌ حڪومت آرٽيڪل 10 ون تحت مڪاني تڪبنديون ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن بعد   اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊ روڪڻ گھرجي ھا، ھن چيو ته  ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جو ميئر اچي به ويو ته بي اختيار ھوندو، پيپلزپارٽي کيس ڪم ڪرڻ نه ڏيندي، پيپلزپارٽي پاڻ به حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ 15 سالن کان ڪو ڪم ناھي ڪيوـ