ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽي ايل پي چيف اليڪشن ڪمشنر کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن جي 16 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،  ڪالهه اليڪشن ڪميشن اڳيان ڪيل مظاهري کي خطاب ڪندي  ايم پي اي مفتي قاسم فخري ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ھڪ ايم پي اي سيٽ واري جماعت اسلامي کي 87 سيٽون ڪيئن مليون؟ جڏهن ته لبيڪ جي ووٽن تي ڌاڙو ھنيو ويو آهي، هنن چيو ته ڊي آر اوز ۽ آر اوز آفيسن ۾ منڊي ۾ لڳل آھي، اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ ڪروڙن جون زيرو ميٽر گاڏيون ڪٿان آيون؟ اسان جي درخواستن تي غور ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اليڪشن ڪمشنر جي گھر جو گھيراءُ ڪنداسين.