ميرپورخاص (رپورٽر) جگل ڪشور کنڊ اسڪينڊل ڪيس فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ڪورٽ ميرپورخاص کان اسپيشل ينڪنگ ڪورٽ ڪراچي منتقل. ايف آءِ اي ھٿان کنڊ اسڪينڊل ۾ مني لانڊرنگ ۽ ٻين قلمن تحت جگل ڪشور سميت نامزد ٻين جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جنھن ڪيس ۾ 27 اپريل تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جي عدالت جگل ڪشور ۽ الزام ھيٺ آيل ٻين جوابدارن جي انھيءَ بنياد تي ضمانت جي درخواست رد ڪئي ته ھي ڪيس ھن عدالت کي ھلائڻ جا اختيار ناھن، جنھن ڪري لاڳاپيل اسپيشل ڪورٽ ۾ ھلايو وڃي، جڏھن ته اھو ڪيس ميرپورخاص فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جج جي عدالت ۾ ھلندڙ ھو، ڪيس ۾ جاچ آفيسر محمود خان فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت کي ڪيس فائل واپس ڪرڻ جي درخواست ڏني، جنھن بعد عدالت ڪيس اسپيشل بينڪنگ ڪورٽ ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو آھي.