ڏهرڪي جي واهن مان مٽي چوري بند نه ٿي، انتظاميه اڃا به ننڊ ستل

0
360

ڏھرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي جي واهن مان مٽي چوري بند نه ٿي سگهي، انتظاميه اڃا به اگهور ننڊ ستل آهي، مٽي چوري ٿيڻ سبب واهن جا ڪپر ۽ روڊ به ڪٽجي ويا ۽ مٽي چوري ۾ بااثر ملوث هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، ڪرين ڊرائيور جو موقف آهي ته اسان رينٽ تي آهيون، ميان شبير مٽي کڻائي رهيو آھي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مٽي چوري وارا بااثر آھن اسان ڪُڇي نه ٿا سگهون، اسان جا واهه تباهه ڪيا ويا آھن، روڊ رستا به تباهه ڪيا پياوڃن.