سري نگر(م ڊ) ڪشمير جي حريت تحريڪ جو اڳواڻ محمد اشرف صحرائي ڀارتي قيد ۾ فوت ٿي ويو حريت ڪانفرنس جي ترجمان شيخ عبدالمتين ٻڌايو تهه ڄمون ڪورٽ بلوال جيل ۾ اسير اڳواڻ علاج جي سهولت نه ملڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي ۽ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ هڪ اڳواڻ کان محرون ٿي وئي. محمد اشرف صحرائي گذريل ٻن ساڪلن کان ڪورٽ بلوال جيل ۾ قيد هو، مسلسل قيد ۽ صحت جون سهولتون نه ملڻ ڪري هو شديد عليل ٿي ويو هو، جيل ۾ طبيعت تمام خراب هجڻ باوجود ڀارتي قابض انتظاميا کيس طبي سهولتون نه ڏنيون ۽ صرف هڪ ڏينهن اڳ هن کي اسپتال منتقل ڪيو هو. ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ محمد اشرف صحرائي جو پٽ جنيد صحرائي به ڀارتي قابض فوج جي حراست ۾ شهيد ٿي ويو هو، ڀارتي جيل ۾ ٻين اسيرن جون پڻ زندگيون خطري ۾ آهن. نواز ليگ جي صدر شهباز شريف اشرف صحرائي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.