اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي ي ميمبر نور عالم خان اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر تي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي سب ڪاميٽي ۾ نيب چيئرمين جي طلبي واري اجلاس کي بنا ٻڌائڻ جي ملتوي ڪرائڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس رانا تنوير جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن دوران پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي ميمبر نور عالم خان ته منهنجي سربراهي ۾ قائم ڪيل پي اي سي جي سب ڪاميٽي نيب چيئرمين کي طلب ڪيو ته اسپيڪر مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ ان سب ڪاميٽي جو اجلاس ملتوي ڪرائي ڇڏيو، اگر اسان جي ايوان جو محافظ اسان کي تحفظ فراهم نه ڪندو ته ڪير ڪندو، جاچ ٿيڻ گهرجي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي ڪنهن جي چوڻ تي ڪاميٽي اجلاس ملتوي ڪيو، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين رانا تنوير حسين چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ خريد ڪرڻ لاءِ ٻين شين جي خريداري جو شرط رکيو پيو وڃي، ماڻهن وٽ کنڊ وٺڻ لاءِ پيسا ناهن، توهان انهن کي کنڊ سان گڏ شيمپو وٺڻ لاءِ چئي رهيا آهيو اهو ڪهڙو طريقو آهي، ڪاميٽي يوٽيلٽي اسٽورز تان کنڊ خريد ڪرڻ لاءِ ٻين شين جي خريداري ڪرڻ واري شرط ختم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، ايم ڊي يوٽيلٽي اسٽور ڪاميٽي کي خاطري ڪرائي ته يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ خريد ڪرڻ لاءِ ٻيون شيون خريد ڪرڻ تي شهرين کي مجبور نه ڪيو ويندو.