ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) مڪاني چونڊن ۾ جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ پاران گڏجي مقابلو ڪرڻ تي اتفاق، ڪالهه  اڳوڻي گورنر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل جي ڊي اي اڳواڻ صدرالدين شاھ راشدي سان ملاقات ڪئي، جنهن  ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ مڪاني چونڊن بابت لائحه عمل بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي گورنر عمران اسماعيل چيو ته جي ڊي اي ڏکئي وقت ۾ اسان جو وڏو ساٿ ڏنو آهي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ پاران گڏيل مقابلو ڪيو ويندو. فنڪشل ليگ  سنڌ جي صدر صدرالدين شاھ راشدي چيو ته موجوده حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، سنڌ جا ماڻهو موجوده حڪمرانن جي پاليسين سبب سخت مايوس آهن، عوام کي انهي مايوسي مان آجو ڪرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ سان گڏيل جدوجهد هلائي ويندي.