جوهي(رپورٽ: ايم بي ٻٻر) ڪاڇي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسمات عظيمان شاهاڻي   يوسي شاهه حسن تي چيئرمين جي سيٽ لاءِ فارم ڀرائي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو . ڪاڇي ۾ ڀوتارن خلاف  ڳالهائڻ به جرم سمجهو وڃي ٿو اتي هڪ عورت پنهنجي برادري جي سردار جي مقابلي ۾ چيئرمين جي سيٽ تي فارم ڀرائي ڇڏيا . ڪاڇي جي يوسي شاھ حسن تي  مسمات عظيمان شاهاڻي چئيرمين ۽  رسول بخش شاهاڻي وائيس چيئرمين  تي فارم  آرو او  آفيس  جوهي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پليٽ فارم تان فارم جمع ڪري چڏيا.