ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پي ٽي آءِ جو مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ  بابت حڪمت عملي تيار، ان حوالي سان ڪالهه پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي ۽ مرڪزي اڳواڻ اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، فردوس شميم نقوي، بلال غفار، ارسلان تاج  ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ ۾ ٿيل تڪبندين ۽ ووٽرن جي  رجسٽريشن ۾ پيش ايندڙ مسئلن تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ قيادت پاران مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن تي داخل ٿيندڙ ڪيسن جي مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ پارٽي قيادت چيو ته پيپلز پارٽي کي هر هنڌ شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.