جي يو آءِ پي ٽي آءِ سان ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو

0
94
سسٽم ۾ رهندڙ روئندا، پي ٽي آءِ کٽي آهي ته ان کي حڪومت ڏني وڃي: فضل الرحمان
سسٽم ۾ رهندڙ روئندا، پي ٽي آءِ کٽي آهي ته ان کي حڪومت ڏني وڃي: فضل الرحمان

جي يو آءِ پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي عمل ۾ شامل ٿيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، مولانا فضل الرحمان پارليامينٽ ۽ آئين جي دفاع ۾ جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته  وزيراعظم آڏو واضح ڪيو اٿئون ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي حق ۾ نه آهيون، اسان سينيٽ ۾ به ڳالهين جي عمل حصو نه ٿينداسين

هن چيو ته سُپريم ڪورٽ هڪ پاسي چوي ٿي ڳالهين سان ڪو واسطو ناهي، ٻئي پاسي هٿوڙو ڏيکاريندي چوي ٿي فيصلو برقرار آهي

فضل الرحمان چيو ته چونڊون ڪرائڻ سياسي پارٽين جو نه، پر اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، ڪي پي، سنڌ ۽ فاٽا سان گڏ اسان کي به آدمشماري تي اعتراض آهن، ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا حقيقتن جي ابتڙ آهن، جڏهن آدم شماري تي ئي اعتراض آهن ته شفاف چونڊون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟

هن کي به پڙهندا

حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وفد ۾ چونڊن جي تاريخ تي ڳالهيون جاري

وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو

اعتماد جو ووٽ 3 رڪني بينچ لاءِ جواب آهي جنهن کي اسان نٿا مڃون: وزير اعظم