اعتماد جو ووٽ 3 رڪني بينچ لاءِ جواب آهي جنهن کي اسان نٿا مڃون: وزير اعظم

0
123
اعتماد جو ووٽ 3 رڪني بينچ لاءِ جواب آهي جنهن کي اسان نٿا مڃون: وزير اعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پارليامينٽ پاران اعتماد جو ووٽ ان 3 رڪني بينچ لاءِ جواب آهي جنهن کي اسان نٿا مڃون، اسان 4 رڪني بينچ کي مڃون ٿا، پارليامينٽ ڪو قانون ٺاهي ته عدالت ان تي اسٽي جاري نه ٿي ڪري سگهي، عدليه کي ٻيهر آئين لکڻ جو اختيار نه آهي

وزيراعظم شهباز شريف اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته مون کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ته هڪ هزار ڀيرا وڃڻ لاءِ تيار آهيان، پارليامينٽ ۽ ان جي فيصلن سان گڏ بيهندس

هن چيو ته اميد آهي ته اڄ پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي شروعات ٿيندي، اسان ڳالهين لاءِ پنهنجا نمائندا سينيٽ اماڻينداسين

شهباز شريف چيو ته ڳالهين جي ايجنڊا اها هوندي ته سموري ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿينديون، پارليامينٽ کي چوندس ته 2018 واري جهرلو اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلين جي به جاچ ڪرائي وڃي

هن کي به پڙهندا

وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو