ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان وڌيڪ 6 ڄڻا اغوا: انگ 25 ٿي ويو

0
248
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان وڌيڪ 6 ڄڻا اغوا
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان وڌيڪ 6 ڄڻا اغوا: انگ 25 ٿي ويو

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 6 ڄڻا اغوا ٿي ويا، ضلعي مان اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 25 ٿي ويو

ڪنڌڪوٽ جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان اڄ هڪ نينگر سميت 2 ڄڻا اغوا ٿي ويا

وارثن جو چوڻ آهي ته هٿياربند هوٽل تان مزدوري ڪري واپس گهر ايندڙ عبدالصمد ملڪ ۽ شهباز ملڪ کي اغوا ڪري ويا

گذريل رات ڪرمپور ويجهو ڳوٺ غلام رسول بجاراڻي مان به هٿياربندن هٿان 4 ڄڻا مبينا طور اغوا ٿيا

پوليس موجب شادي تقريب تان موٽندڙ چئن ڳوٺاڻن کي ڏهارين اغوا ڪيو

مغوين ۾ سڄڻ ميراڻي، نورالدين بهلڪاڻي، خدابخش ۽ الهڏنو ٽانوري شامل آهن، چئني مغوين جي وارثن ۽ شهرين غوثپور ۾ مين بس اڏي وٽ ڌرڻو هنيو، جن مغوين کي فوري بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو

هن کي به پڙهندا

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ اهم فيصلو

ڪنڌڪوٽ: ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر ڌاڙيلن هٿان اغوا