مٺي /ڏيپلو/ ڇاڇرو(نمائندن وٽان)  سنڌ ۾ اجهي لٽي اٽي جي نعري تي ووٽ وٺندڙ پنڌرنهن سالن کان عوام تي مسلط ٿيل ڀوتار عوام جو رت چوسي رهيا آهن سنڌ کي واڳن جيان ڳڙڪائي رهيا آهن انهن واڳن کي پنڃري ۾ قيد ڪري هر حساب ڪتاب ورتو ويندو اهڙن خيالن جو اظهار جمعيت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو ٿرپارڪر جي مختلف پروگرامن مبارڪ رند , روهيڙو ۽ ڏيپلو ۾ خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته ٿرپارڪر جي عوام کي گهرجي ته ڀوتارن سان ڀرپور مقابلو ڪري  انهن کان هر ظلم جو حساب وٺي۔ ٿرپارڪر اهو ضلعو آهي جتي ڪاري سون ڪوئلي جا مالڪ ٿريا بک بدحالي جي ڪري خودڪشين تي مجبور آهن پيئڻ جي پاڻي سميت روزمره جي شين جي اڻهوند پيپلز پارٽي جي نااهلي ناهي ٻيو ڇاهي ؟ سنڌ جي عوام هاڻي سڀني کي آزمائي چڪي آهي انشاء الله 26 جون تي پوري سنڌ ۾ جمعيت علماء اسلام ڪامياب ٿيندي  ان موقعي مولانا گل حسن زنئور قاري عبدالواحد فاروقي مولانا عزيزالله ساند مولانا عبدالعزيز نهڙي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.