لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي پليٽ فارم تان جي يو آءِ اميدوارن پنهنجي چونڊ مهم تيز ڪري  ڇڏي، عوامي اتحاد جي اميدوارن تڪ جو طوفاني دورو ڪيو، شاندار استقبال، عوام پاران وک وک تي گلن جي ورکا ڪري کين سنڌ جي سوکڙي اجرڪون پارائي آجيان ڪئي وئي. مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ايم پي اي معظم  عباسي، مولانا راشد خالد محمود سومرو، مولانا ناصر خالد محمود سومرو، مولانا طاهر خالد محمود سومرو، مولانا محمود الحسن سومرو، علي حسن ڏاھاڻي، ۽ ٻين چيو ته  پيپلز پارٽي وارن قوم کي اٽو لٽو ۽ اجهو ناهي ڏنو پر انهن کان کسي ورتو آهي، پيپلز پارٽيءَ وارن تي لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي عوام جو اعتماد ختم ٿي چڪو آهي ۽ اڄ سنڌ ۾ هر پاسي تباهي تباهي ئي نظر اچي رهي آهي جنهن جا ذميوار پيپلز پارٽي وارا آهن. هنن چيو لاڙڪاڻي جو باشعور عوام چونڊن ذريعي تبديلي تي يقين رکي ٿو ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ جي يو آءِ ۽ عوامي اتحاد لاڙڪاڻو ئي ڪاميابي ماڻيندي، هنن چيو ته عوام کي ڪرپٽ سياستدانن مان نجات ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي سکڻ نعرن ۽  ڪوڙن دلاسن تي عوام کي ڪير به گمراهه نٿو ڪري سگھي.