لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ ابڙو شاخ ۾ پاڻي جي فراهمي بند ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن لال ڏنو، نائچ، طالباڻي جت، پيلجو ککراڻي، ملگاڻي ڪوڏراڻي سميت رئيس گامڻ خان چانڊيو واسين ابڙو شاخ تي ڪوڏريون ۽ بيلچا کڻي ابڙو شاخ جي  کاٽي ڪري پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لڳا. ان موقعي تي هارين ۽ آبادگارن پاران ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان کي پاڻي ڍڪ به ناهي جو ڍورن کي پياريون ڍور ڍڳا اڃ ٿا مرن، فصل تباهه ٿي رهيو آهي، اسان ٻج وٺي رکيا آهن پاڻي نه ملندو ته فصل ڪٿان ڪنداسين سڄو سال هاري ۽ ڪڙمي محنتون ڪيون ٿا تڏهن وڃي گذر سفر ٿيندو آهي ايريگيشن وارن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون مجبور ٿي پاڻ ڪوڏرون ۽ بيلچا ۽ ريڙهيون کڻائي پاڻ ابڙو شاخ جي کاٽي ڪيون ٿا. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پاڻي ڇوڙ ڪري پاڻي جي فراهمي ڪري ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.