مٺي (رپورٽر) اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ارباب غلام رحيم چيو آھي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڊي آر اوز ۽ آر اوز سميت سمورو عملو سنڌ سرڪار جو ڪمدار مقرر ٿيل آھي، جنهن جي نگراني ۾ شفاف چونڊ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناهن، هتي اتحادين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ٿر جا ڊي آر او ۽ آر اوز تبديل نه ٿيا ۽ پراڻيون 2018 ع  واريون تبديل ڪيل پولنگون واپس بحال ڪري رينجرز ۽ فوج مقرر نه ڪئي وئي ته 24 جون تي ڌرڻا هنيا ويندا، هن چيو ته پ پ جي ناڪارهه ڪارڪردگي سبب پراڻن جيالن عبدالغني کوسو، محمد خان لنڊ، عيسيٰ راهمون، ڊاڪٽر نالي چڱو سميت ڪيترن ئي بنيادي ڪارڪنن اسان کي جوائن ڪيو آھي، جيڪي 1970ع واري ذوالفقار علي ڀٽي دور جا جيالا هئا، هن چيو ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ اندر پ پ جي ڇا صورتحال آھي، هن چيو ته سنڌ اندر هاڻوڪين مڪاني چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن غير جانبدار ناهي، انڪري شفاف چونڊون نه ٿي سگهنديون، هن چيوته ٿر ۾ سياسي مخالفن ۽ اميدوارن کي پوليس معرفت هيسايو ۽ ڊيڄاريو پيو وڃي،