ڪراچي: چين جي صدر شي جنپنگ ۽ ڪينيڊين جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ واري وڊيو منظرعام تي اچي وئي آھي
جي ٽوينٽي اجلاس جي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، چيني صدر شي جنپنگ سخت لهجي ۾ مترجم ذريعي جسٽن ٽروڊو سان ڳالهائيندي چيو ته اهو نامناسب هو، جيڪڏهن توهان ۾ ايمانداري هجي ها ته ائين نه ڪيو وڃي ها
BREAKING: Chairman Xi dresses down Justin Trudeau like a junior employee for leaking their private conversation to the media. Trudeau can barely walk after pic.twitter.com/QlRtbiBSIg
— Jack Posobiec 🇺🇸 (@JackPosobiec) November 16, 2022
چيني صدر ڪيناڊا جي سربراهه تي سندن ڳالهه ٻولهه ليڪ ڪرڻ جا الزام هنيا، ڪيناڊا جي وزيراعظم ملڪ ۾ چونڊن دوران چين جي مداخلت ۽ جاسوسي جو ذڪر ڪيو هو
شي جن پنگ ڪينيڊين وزيراعظم کي ميار ڏني ته اسان جي ڳالهه ٻولهه اخبارن کي ليڪ ڪئي وئي، ڪيناڊا جي وزيراعظم جواب ۾ چيو ته ڪينيڊا ۾ اسان ائين آزاد انداز ۾ ڳالهائيندا آهيون ۽ آئينده به ڳالهائيندا رهنداسين، اهو چئي جسٽن ٽروڊو اڳتي وڌي ويو
ھي به پڙھندا
پاڪستان ۾ تشدد جي گنجائش ناھي، ڌريون تشدد، ھراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪين کان پاسو ڪن: آمريڪا