ڊي سي مٽياري جي گرفتاري: ميگا اسڪينڊل جي جاچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي قائم

0
411

ڪراچي/ مٽياري (نمائيندن وٽان) سنڌ سرڪار ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عدنان رشيد جي گرفتاريءَ کانپوءِ ميگا اسڪينڊل جي جاچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

مٽياري ۾ ايم سڪس موٽروي پراجيڪٽ ۾ گهوٻين جي جاچ لاءِ ناڻي کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري شهمير ڀٽو جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي

پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري نذير قريشي ميمبر طور شامل آهي، چيف سيڪريٽري پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي کي ٽن ڏينهن اندر پراجيڪٽ لاءِ ملندڙ رقم، بئنڪ اڪائونٽس، رقم جي خرچن بابت جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

هوڏانهن مٽياري ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عدنان رشيد جي اڪائونٽ مان هڪ ارب 82 ڪروڙ مبينا طور گم ٿيڻ واري مامري جي جاچ جاري آهي

ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار ٿيل ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ اڃا پيش نه ڪيو، اينٽي ڪرپشن ٽيم ڊي سي سيڪريٽريٽ پهتل آهي ۽ رڪارڊ جي جاچ ڪري تحويل ۾ ورتو پيو وڃي

چارج وٺندڙ ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه به ڊي سي آفيس مٽياري پهچي ويو، اينٽي ڪرپشن ٽيم ڊي سي آفيس جي عملدارن جا بيان به وٺڻ شروع ڪري ڏنا آهن

ياد رهي ته ايم 6 موٽروي منصوبي جي مد ۾ آيل بجيٽ جي پئسن مان ڏهن ڏينهن اندر هڪ ارب 82 ڪروڙ رپيا ڪڍيا ويا هئا

ان معاملي تي اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد منصور عباسي کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رات دير سان اينٽي ڪرپشن ٽيم مٽياري ڊي سي هائوس پهچي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عدنان رشيد کي گرفتار ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو هو

ھي به پڙھندا

عمران خان توشه خانه مان چوري ڪرڻ ۽ ادارن خلاف ڳالهائڻ باوجود لاڏلو بڻيل آهي: شرجيل ميمڻ