حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اٽي چڪي اونرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن محمد ميمڻ، فاروق راٺوڙ، نجم الدين چوهاڻ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ضلعي انتظاميا اٽي چڪين تان اٽي جي في ڪلو اگهه 75 رپين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي پر ٻئي طرف صوبائي وزير فلور ملز مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري في ڪلو اٽي جو اگهه 95 رپيا مقرر پيا ڪن، جيڪو عمل ساڻن ناانصافي آهي، ڇاڪاڻ ته شهر ۾ اٽي جو هڪ ئي اگهه مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت اٽي جي قيمت 95 رپيا مقرر ڪئي آهي ته هو به في ڪلو 80 رپين جي حساب سان وڪرو ڪندا پر کين مختص سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا هر صورت ۾ فراهم ڪئي وڃي. اڳواڻن چيو ته شهر ۾ 215 کان وڌيڪ اٽي جي چڪين کي آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ چالان جمع ڪرائڻ باوجود اڃا تائين سرڪاري ڪڻڪ فراهم ناهي ٿي، جنهن مان معاملي جو خوراڪ کاتو ۽ سرڪار نوٽيس وٺي. پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن الزام هنيو ته خوراڪ کاتو شهر ۾ رڳو 12 هنڌن تي نمائشي اسٽال لڳائي فوٽو سيشن پيو ڪرائي جڏهن ته سستي اٽي جي نالي تي شهرين جي تذليل به ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته خوراڪ کاتو فلور ملز کي مبينا رشوت عيوض ڪڻڪ جي ڪوٽا هر مهيني فراهم ڪري رهيو آهي پر کين ڪوٽا نٿي ڏني وڃي جنهن ڪري هو مهانگي اگهه تي ڪڻڪ وٺي شهرين کي معياري اٽو فراهم پيا ڪن.