ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ايس ايو پي پاران سنڌ ۾ اٽي جا اگهه وڌڻ خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، ان ڏس ۾ ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پ پ حڪومت جي نااھلي ۽ ڪرپشن ڪري اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي سفيد پوش ماڻهو به خودڪشيون  ڪرڻ تي مجبور آھن،  هن چيو ته صوبي ۾ اٽو 65 بدران 180 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي، صوبي ۾ اٽو 65 بدران 180 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي، مختلف وزير اٽو افغانستان اسمگيل پيا ڪن، ھن چيو ته اٽي جي اگھن ۾ ٿيل ھٿرادو واڌ خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين.