سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران سنڌ جي سمورن ڊي سي ايز کي سرڪاري اگهه تي عوام کي اٽو فراهم ڪرڻ ۽ آءِ جي کي سڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ اندر اٽي جي بحران ۽ وڌيڪ قميتن خلاف ڪليم الله کوسو طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سکر ڊويزن سميت سڄي سنڌ اندر اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪري وڌيڪ قيمتن تي وڪرو ڪري غريب ماڻهن کي پريشان ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار گذريل سال ڪڻڪ 2200 رپيا مڻ ڪڻڪ خريد ڪئي، ان ئي ڪڻڪ جو نئين سيزن اچڻ کان اڳ 4000 رپيا مڻ ڪيو ويو آهي درخواستگذار موجب سنڌ اندر اٽي جو هٿرادو بحران اٽي ۽ ڪڻڪ مافيا کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي ان ڪري انتظاميه مافيا خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري. ڪڻڪ ۽ اٽي بحران بابت نيب کان جاچ ڪرائي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اٽي جي بحران بابت درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي ڪندي درخواست کي ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وڪيل سهيل کوسو موجب عدالت سنڌ جي سمورن ڊي سي ايز کي حڪم ڏنو آهي ته سرڪار جي مقرر اگهه تي عوام کي اٽو فراهم ڪيو وڃي عدالت آءِ جي کي هدايت ڪئي آهي ته سستي اٽي جي اسٽالن تي سيڪيورٽي ڏني وڃي. جڏهن ته عدالت چيف سڪيريٽري. خوراڪ کاتي جي صوبائي سيڪريٽري. ڊپٽي ڊائريڪٽر. ڊي ايف سي. ڊي سي ايز. نيب چئرمين. ڊي جي نيب ۽ ٻين واسطيدار کي نوٽيس جاري ڪندي واسطيدار ڌرين کي 18 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي.