جيڪو اکين ذريعي اداڪاري ڪرڻ جو فن ڄاڻندو هو

0
133
جيڪو اکين ذريعي اداڪاري ڪرڻ جو فن ڄاڻندو هو

 ھو جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ ھنر ۽ فن جي کاڻ ھو، جنهن پنهنجي محنت ۽ قابليت جي بنياد تي ھڪ اھڙي انڊسٽريءَ ۾ نالو ڪمايو جتي عامر خان، سلمان خان ۽ شاهه رخ خان جي ھاڪَ ھئي.

                         ھو جيڪو اکين ذريعي اداڪاري ڪرڻ جو فن ڄاڻندو ھو، جنهن جي مڪالمن جي ادائيگيءَ تي گرفت مضبوط ھوندي ھئي، جنهن رومانوي ڪردارن کان ويندي ڌاڙيل تائين جو ڪردار نڀايو ۽ ھر ڪردار ۾ پنهنجو پاڻ کي گم ڪري ڇڏيائين.

                         جهڙي ريت ھو فلم پان سنگهه تومر ۾ ھڪ ڌاڙيل جي ڪردار ۾، معصوميت، اٻوجهائپ، پيڙا، تذليل ۽ بغاوت جي احساس کي گڏ کڻي ھلي ٿو اھو ڪم ڪوئي غير معمولي اداڪار ئي ڪري سگهي ٿو .

                         فلم جو ھڪ ڊائيلاگ ڏاڍو مشهور ٿيو ھو تہ ‘بھیڑ میں باغی ہوتے ہیں، ڈکیت ملتے ہیں پارلیمان میں’۔  ان فلم ۾ جاندار اداڪاريءَ تي کيس نيشنل ايوارڊ سان نوازيو ويو.

                         1966ع جئپور ۾ اکيون کوليندڙ عرفان خان جو ننڍپڻ ٽونڪ نالي ھڪ ننڍڙي شهر ۾ گذريو، اھو شهر ننڍڙو ضرور ھو پر عرفان خان جا خواب وڏا ھئا .

ٻالڪپڻ کان ئي فطري طور قصن ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن ۾ دلچسپي رکندڙ عرفان جو لاڙو فلمن ڏانهن ٿي ويو ۽ فلمون  به وري نصير الدين شاهه جون .

ھڪ انٽرويوءَ ۾ پنهنجي نوجوانيءَ جو ھڪ قصو ڇيڙيندي عرفان خان ٻڌايو ھو ته ‘مٿن چڪروتي جي فلم مرگيا آئي ھجي، ڪنهن ٻڌايو ته تنهنجي شڪل به مٿن جهڙي آھي، مونکي لڳو ته بس مان به فلمن ۾ ڪم ڪري سگهان ٿو، ۽ ڪيئي ڏينهن تائين مٿن جهڙا وار رکيائون شهر ۾ ڦرندو رھيس’

ان کان سواءِ فلم حيدر ۾ اھو ڪردار جنهن ۾ ھو چوندو آھي ‘جہلم بھی میں، چِنار بھی میں، شیعہ بھی میں، سنی بھی میں اور پنڈت بھی۔’ اھو ڪردار جيڪو ظاھري طور ھڪ جِن ھو، اوھان کي يقين ڏياري ٿو ته ھو حقيقت ۾ آھي ۽ اوھان جي ئي ضمير جو آواز آھي.

بالي ووڊ جو ھي بيچين روح اڄ کان ٽي سال اڳ اسان کان سدائين لاءِ رسي وڃي پنهنجي ڌڻي سان گڏيو ۽ بس… وندنا ..ترجمو: سرمد سولنگي (فيس بوڪ تان ورتل)