نوجوانن اندر روئيي جي تبديلي ۽ موبائل فون

 

(حصو ٻيون)

 

جيڪڏهن ٻئي پاسي واري نقصان ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته سائنسدانن جي تحقيق موجب اسان جي نوجوان نسل ﮐﻲ موبائل فون اڏوهيءَ جيان کائي رھي آهي، جيئن نئون نسل ھزارين مسئلن ۽ بيمارين کي منھن ڏئي رھيو آھي جھڙوڪ، اکين جي بينائي، اڻپوري ننڊ سبب مٿي جو سور، پريشاني، سستي ۽ ٻيا ڪيئين مسئلا. موبائل جا شعاع جيڪي سم جي ذريعي اچن ٿا اها انساني دماغ جي نروس سسٽم کي ڪمزور ڪري وجهن ٿا ۽ اهو سڀ ڏسي منهنجي دماغ ۾ خيال آيو ته هڪ اينٿروپالاجسٽ ھئڻ ناتي منھنجو فرض آھي ته ڀوميءَ تي رهندڙ ماڻهن کي مشاهدي اندر رکي انهن جي سوچ موجب سمجھجي. اينٿروپالاجسٽ جو مقصد ماڻهن جي ڪنھن به ايونٽ جي باري ۾ ماڻهو جيڪو مواد گڏ ڪن ٿا انھن کي ﺳﻤﺠھڻ آهي، تنھن ڪري آئون گھڻن ڏينهن کان پنهنجي چوڌاري موبائل فون استعمال ڪندڙ نوجوانن جو مشاهدو ڪندي رهيس. انٿروپالاجيءَ جو مقصد ماڻهن جي ڪنھن به واقعي جي باري ۾ ماڻهو جيڪو مواد گڏ ڪن ٿا انھن کي ﺳﻤﺠھڻ آهي. تنھنڪري آئون گھڻن ڏينهن کان پنهنجي چوڌاري موبائل فون استعمال ڪندڙ نوجوانن جو مشاهدو ڪندي رھيس ۽ پوءِ ڪجھ مضمون پڙهڻ کان پوءِ مان هڪ ننڍڙي تحقيق جي شروعات ورتي. ڪجھه نوجوان شاگردن کان انٽرويوز ورتا جنهن ۾ آئون جوابدارن کان گهرا(in-depth interviews)  ڪيا جنهن مان اسان کي جوابدارن جي رويي ۽ عمل جي باري ۾ گهري ڄاڻ ملندي آهي. مان تحقيق هڪ ننڍڙي پئماني تي يونيورسٽي ۽ مارئي هاسٽل جي نوجوان شاگردن کان ڪئي، جنهن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شامل هيون، موبائل جو استعمال ۽ رويي جي تبديلي جي باري ۾ ته ڇا نوجوان پنھنجي اندر روائتي تبديلي محسوس ڪن ٿا جيڪا موبائل فون جي ڪري نوجوانن اندر رويي ۾ تبديل آئي آھي. تحقيق جي دوران مُنهنجا تحقيقي مقصد هي هئا، والدين سان نوجوانن جي رواين کي ڏسڻ، موبايل فون جي عادت جي سببن کي ڳولڻ، فرد جي ذاتي زندگي جي اثر کي ڳولڻ، نوجوانن ۾ روين جي تبديلين جي شعور کـي ڳولڻ، مان ھڪ تحقيقي سوالن جي ڊائري ٺاهي جيڪا تحقيقي ترقي ڪار جو ھڪ اھم اوزار آھي، مون هر هڪ ماڻهو کان 10 کان 15 سوال ڪيا جنهن جي اندر پروبنگ به ڪئي وئي، اھا تحقيقي انٽرويو ڪجھه رسمي ۽ ڪجھه غير رسمي نموني سان ورتا ويا، جنهن ۾ نوجوانن جا مختلف جواب مليا. جيڪا تحقيق مان گڏيل نموني سان بيان ڪيا اٿم.(جاري)

ماريا ميمڻ/حيدرآباد

صفائي نصف ايمان آھي!

 

صفائي سٿرائي بابت پنھنجن وڏڙن کان ننڍپڻ کان وٺي ٻڌندا پيا اچون ۽ نصابي ڪتابن ۾ پڻ پڙھيو آھي ۽ پڻ پڙھايون پيا ته صفائي سٿرائي رکڻ سان ماڻھو ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگھي ٿو پر جڏھن عملي طور تي اسين شاھوڪار ۽ قدرتي دولت سان مالامال سنڌ جي شھرن تي نظر ڦيرائينداسين ته اتان جي صورتحال تمام عجيب و غريب نظر ايندي. سنڌ جي ھر شھر جي هر ٽائون ڪاميٽي، ميونسپل ۽ يونين ڪائونسلن ۾ سياسي اثر رسوخ جي بنياد تي ڪيترائي مسلمان ڀنگي ڀرتي ڪيا ويا آھن، جيڪي پاڻ ته صفائي نٿا ڪن جنھن سبب سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شھر اندر صفائي جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ھر ٽائون ڪاميٽي، يونين ڪائونسل، ميونسپل ڪاميٽي جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ ھر سال رکي ويندي آھي ته جيئن شھرن جا ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن، صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي ۽ اھا ڳالھ به مڃبي ته ڪٿي ڪٿي ترقياتي ڪم ٿين ٿا، صفائي سٿرائي ٿئي ٿي، جتان جي عوام ۾ شعور آھي پر  افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي اڪثر شھرن ۾ صفائي سٿرائي، ڊرينيج جو نظام بلڪل نه هجڻ جي برابر آھي. انھن شھرن جي فھرست ۾ ضلعو خيرپور ميرس، تعلقو ڪوٽڏجي جو مکيه واپاري شھر ڪنب پڻ شامل آھي، جنھن جي ڪروڙين رپيا سالياني بجيٽ پڻ آھي پر ھن شھر ۾ صفائي سٿرائي نالي ڪا شيءِ ناھي. ھي شھر ٻارھو ئي برسات جو ڏيک ڏيندو آھي. ھن شھر جي مکيه روڊ ڇوڏاھو روڊ تي مختلف جڳھن تي گندو پاڻي ھر وقت بيٺو ئي بيٺو ھوندو آھي، جنھن سبب اسڪول ۽ مدرسي ڏانھن ويندڙ ٻارڙن ۽ نمازين کي تڪليفن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. ڪجھ سال اڳ جڏھن ڪنب ٽائون جو چيئرمين ساجن وساڻ ھو ته ان ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا، شھر اندر مختلف ھنڌن تان نيون ناليون ٺھرايون، پيور سرن سان روڊ، رستا ٺھرايا، شھر اندر صفائي سٿرائي باقاعدي نموني سان ڪرائي پر سندس جي دور کان پوءِ شھري صفائي سٿرائي جي معاملي ۾ ڪافي ڏکائين کي منھن ڏئي رھيا آھن. اسين ڪنب واسي روزاني پنھنجي اخبار جي ذريعي ٽائون ڪاميٽي ڪنب جي اعليٰ آفيسر کي مودباڻي گذارش ڪريون ٿا ته شھر جي صفائي سٿرائي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، جيئن شھري پنھنجي زندگي پر سڪون نموني سان گذاري سگھن.

 

ستار سنڌي/ڪنب

باھ جا واقعا روڪڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن!

 

جڏهن گرمين جي موسم ايندي ئي باهه جا واقعا ڏينھون ڏينهن وڌي وڃن ٿا، سنڌ اندر ھر روز باهه جا واقعا سوشل توڙي پرنٽ ميڊيا ذريعي پڙھندي ملن ٿا، جنهن ۾ غريبن جا ڪکاون گھرن کي باهه لڳڻ سبب گهر ۾ سمورو سامان سڙي رک ٿي ويندو آهي، جن نياڻين جو سمورو گڏ ٿيل ڏاج سونا زيور روڪ رقم شامل آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون، شڪ ناهي ته اسان وٽ گرمين جي موسم ۾ گرمي پد 50 سينٽي گريڊ کان به ڪراس ڪيو وڃي، جنهن سبب سڪل پن ۽ ڪکاون گھرن کي باهه لڳيو وڃي، پوءِ ڏسندي رڙيون ڪوڪون ڪندي باهه ايترو ته وڌيو وڃي ٿي جو ڪيترن ئي گھرن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ٿي ڇڏي. ھڪ ته ٻھراڙين ۾ يونين ڪائونسل سطع تي نه فائربرگيڊ جو عملو آهي نه وري فائربرگيڊ جون گاڏيون آهن، يوسي سطح تي ڪا به سھولت ميسر ناهي. ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائندا آهن، باهه کي وسائڻ لاءِ تربيت يافتا عملي جي ضرورت آهي، جيڪو خاص ڪري ٻھراڙين ۾ ڄاڻ نه ھجڻ سبب نقصان وڌي ويندا آهن. روزانون جي بنياد تي باهه جا واقعا وڌندا ويندا وڃن ٿا. باهه جي واقعن سبب ڪيترن ئي غريبن جي ڪکاون گهرن جو اناج سمورو سامان سڙي رک ٿي ويندو آهي پر سنڌ سرڪار اھڙو ڪجهه به نه ڪري رھي آهي جنهن سان لڳي ته حڪومت کي ڪو ماڻهن جو احساس به آهي، جيڪي باهه جو شڪار ٿي رھيا آهن. ٻھراڙين جون عورتون ماني، چانھ ٺاهڻ بعد باهه جي مٿان پاڻي جا ڇنڊا به نٿيون هڻن جنهن سبب باهه لڳڻ جا خدشا وڌي وڃن ٿا. ٻھراڙين جي عورتن کي گھرجي ته ماني ٽڪي چانھ ٺاهڻ بعد باهه جي مٿان پاڻي ھاري ڇڏجي، بدقسمتيءَ سان ٻھراڙين ۾ ڄاڻ ناهي، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ تنظمين سول سوسائٽي کي گھرجي ته پنهنجن پـھنجن ڳوٺن ۽ علائقن ۽ گهر جي مردن کي گھرجي ته باهه جي واقعن کان بچڻ جي لاءِ ڄاڻ پکيڙين. سنڌ سرڪار طرفان يونين ڪائونسل سطح تي فائربرگيڊ عملو ۽ فائربرگيڊ گاڏين جي سھولت ميسر ناهي، ڪروڙين جي بجيٽ ھوندي به يوسي سطح تي باھ وسائڻ لاءِ گاڏي ناهي نه وري عملو آهي. حڪومت کي گھرجي ته يونين ڪائونسل سطح تي تي فائربرگيڊ عملو ۽ فائربرگيڊ جي سھولت ميسر ڪئي وڃي، جنهن به علائقي ۾ يا ڳوٺ ۾ باهه لڳي ته اتي جلد ڪارروائي ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

منظور علي زرداري/سڪرنڊ

 

قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ جوڳا اپاءَ وٺڻ گھرجن!

 

پوري دنيا ۾ ڪورونا وبا وڏي تباھي آندي ۽ ان جا اثر اڃا تائين موجود آھن. ڪورونا ملڪن کي معاشي طور ڪمزور ڪري ڇڏيو، ائين پاڪستان ۾ ڪورونا به تباھي آندي، ڪورونا کان پوءِ وري برساتن به مالي ۽ جاني نقصان رسايو، ھڪ مشھور اخبار جي رپورٽ موجب قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ لاءِ 88 بلين ايمرجنسي ھيلٿ پروگرام لاءِ رکيا ويا آهن، جيڪي وبائي خطرناڪ بيماريون، زلزلا، طوفان ۽ تباھين کي منھن ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو، جڏھن ته تباھين کي منھن ڏيڻ وارو ادارو سست ۽ سندس ڪا به پروگريس نظر نه پئي اچي جڏھن ته دنيا ۾ تباهيون مختلف طريقن سان اچن ٿيون. قدرتي تباھيون Natural Disaster  جو طرفان، زلزلو Earth Quake ، طوفان، تيز ھوا، سامونڊي طوفان، برساتون، سوڪهڙو، ٻوڏيون، وبائي بيماريون، ڪورونا ۽ ھاڻي ته ماتا يعني منڪي پاڪس جا ڪيس به ظاھر ٿيڻ لڳا آھن. ٻيون تباھيون جنگيون ۽ ھٿ سان تباھيون آڻڻ، روڊ حادثات به ھڪ تباھيءَ جو قسم آھن. اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ وڏيون وڏيون تباھيون اينديون رھنديون آھن پر انھن ملڪن ۾ ايمرجنسي بنياد تي قدرتي تباھين کي منھن ڏيڻ لاءِ اھي ادارا ترت پنھنجي ملڪن جي عوام جي مدد ڪندا آھن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيندا آھن پر ھتي نيشنل ڊزازٽر مئنجمينٽ اداري قدرتي آفتن  اچڻ کان پوءِ سرگرم ٿيڻدو آھي. ان تباھين کي منھن ڏيندڙ اداري کي پھريائين شھرن ۽ ڳوٺن ۾ تنظيمون ٺاھي انھن جون تربيت ڪرائي وڃي ھا. انھن کي مڪمل ڪٽ ڏني ھا جنھن ۾ ڪوڏر،  بيلچا، ڪليون ڇاپر ۽ ٻيو ضروري سامان ڏنو وڃي  ھا. ھن وقت تائين سرڪاري اسپتالن ۾ سھولتون نه آھن نه وري آباديءَ کي نظر ۾ رکندي انھن سرڪاري اسپتالن کي اپڊيٽ ڪيو ويو آھي. شھرن ۽ ڳوٺن ۾ آباديءَ کي نظر ۾ رکندي سرڪاري اسپتالون وڌيڪ ڏيڻ گھرجن ھا. روڊ حادثن ۾ ڪيتريون ئي جانيون تباھ ٿي چڪيون آھن روڊ برساتن ۾ تباھ ٿي ويا، انھن جي کڏن ۾ مٽي يا ڊامر نه لڳايو ويو آھي. ھن سال ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ برساتن جو ٻڌائين ٿا. ان ڪري حڪومت جيترو جلد ٿي سگھي عملي ڪم ڪري ۽ ايمرجنسي رکيل فنڊ به استعمال ڪري. جيئن عوام ڪنھن وڏي تباھيءَ کان بچي سگھجي نه ته ملڪ ۾ اڃان وڌيڪ غربت، بک، بدحالي، ڏوھن ۾ اضافو ٿيندو، امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي.

 

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

تعليم ۽ تربيت بابت ڄاڻ!

 

تعليم ان بنياد کي چئجي ٿو جنهن ۾ سماج جي ترقي ۽ ترقي اچي ٿي، اتي مختلف سبب آهن، ڇو ته تعليم ھڪ اھم جزو آهي ۽ عالمي طور تي  قبول ڪيو ويو آهي. تعليم سماج لاءِ اھم آهي، تعليم ھميشه سماج ۾ اعليٰ رکيل آهي. آرامده زندگي گذارڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ماڻهن کي گھرجي ته پاڻ کي تعليم ڏين ۽ حاصل ڪن. اھو سچ آهي ته تعليم انسان جي ضرورت آهي. دنيا جي علمن کي سمجھڻ جي اشد ضرورت آهي، ان کان سواءِ شعور جي روشني ممڪن ڪونهي، سمجه فھم جا دروازا علم سان کلن ٿا، علم انسان جي ٽين اک آهي. تعليم سان انسان مڪمل فھميدگي واري زندگي جيئي ٿو، رزق روزگار مقصد ذريعه معاش جو تعين ڪري سماج ۾ ھڪ حيثيٽ ماڻي ٿو، سڃاڻپ ٺاهي ٿو، پنهنجي طئي ڪيل منزل تي رسي ٿو پر تعليم سان گڏ تربيت ئي انسان کي اعليٰ آدرشن سان جيئڻ جو ڍنگ سيکاري ٿي. رڳو تعليم ڊگرين جا ڍير انسان نٿا بڻائن، مختلف ٻولين مادي شين جي ڄاڻ ڪو به فن يا ھنر ۽ ھر شعبي جي ڄاڻ ڪار ڪرت بابت ڄاڻ ۽ سکيا ته ھجي ٿي پر ان کان به اڳتي انسانيت نياز توڙي اخلاقيات جو جيڪو حسن آهي سو انسان کي شخص مان شخصيت بڻائي ٿو. ڪردار کي خوبصورت ۽ چثو ڪري ڏيکاري ٿو. ان جي شخصيت سازي ۽ ڪردار سازي جو دڳ وري به تربيت سان مڪمل ٿئي ٿو، جڙي ٿو، والدين جي اولين فرض آهي ته اولاد جي تربيت ڪن، انهن کي صحيح ۽ غلط جي سڃاڻپ ڪرائين، لڇڻائتو بڻائيڻ، ان کان پوءِ استادن جي ڪيل اصلاح ۾ تربيت جو نمونو ھوندو آهي. بھترين استاد پڙهائڻ سان گڏ شاگردن جي اخلاقي تربيت پڻ ڪندا آهن، ان تربيت جي ڪري ماڻهو مڪمل تھذيب و تمدن سٺن لڇڻن وارو بڻجي ٿو ۽ سدائين ساراھيو وڃي ٿو، معاشري ۾ ڀرپور ۽ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري ٿو. تعليم دنيا جي ھڪ طاقتور ھٿيار آهي، تعليم کان سواءِ انسان ھڪ اندو آهي تعليم ھڪ روشني آهي.

 

رميش ڪمار ميگھواڙ/ٿر

 

سارنگ شر جو معاملو‎‎!

 

سارنگ شر جي گرفتاريءَ بعد مٿس داخل ڪيس جي آڌار تي ڪورٽ ۾ ٽرائل ٿيو، عدالت سڳوريءَ ثبوت نه ملڻ تي کيس بري ڪري ڇڏيو، سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پوليس جي طرفان ڪيس جي چاج ناقص ٿيل ھئي جو سارنگ کي عدالت آزاد ڪري ڇڏيو؟ يا ڪي ٻيا سبب ھئا جو ھو باعزت بري ٿي ويو؟ پوليس جو چوڻ آھي ته اسان ڪيس جي چالان ۾ اھي ويڊيوز به شامل ڪيون ھيون جيڪي سارنگ ٻارڙن سان زيادتي ڪرڻ يا ٻارڙن کان ھڪ ٻئي سان زيادتي ڪرائڻ واري وقت رڪارڊ ڪيون ھيون، ھاڻي به سارنگ شر جون شرمناڪ ويڍيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آھن. سوال اھو آھي ته ڇا ثبوت طور اھي ويڊيوز ڪافي نه ھيون؟ يا پوليس عدالت ۾ اھي ويڊيوز ثبوت طور شامل نه ڪيون ھيون؟ ته آخر سارنگ شر جي باعزت بري ٿيڻ جا ڪھڙا سبب ھئا؟ فريادي ڦري ويا يا ناقص جاچ ان جي آزادي جو فرمان آندو؟

 

ايڊووڪيٽ فياض گهانگهرو/ڪراچي

 

ٿر، پيرون ۽ سنڱر!‎‎

 

چوڻي آھي ته وسي ته ٿر، نه ته بر ئي برُ، بلڪل ائين به آھي پر ڪجھ اھڙا ميوا ۽ ڀاڄيون ٿر ۾ بنا برسات جي ٿينديون آھن جيڪو ماڻهوَ شوق سان کائيندا آھن، اپريل ۽ مئي جي مھينن ۾ ٿر جو حسن وڌي ويندو آھي، اپريل مھيني ۾ ڪنڊين ۾ سنڱريون تيار ٿينديون آھن، جيڪو ماڻهو ڪنڊين تي چڙھي لاھيندا آھن ته ڪي وري ڏاٽي سان لاھيندا آھن، جنهن کي کائڻ جو سواد ئي ڪجهه الڳ ھوندو آھي. ٿر جي خطي جا ماڻهو اهي تحفي طور پنهنجن پيارن ڏانهن موڪليندا آھن، انھي کان سواءِ ٿري مارو سنڱرين کي سڪائي رکندا آھن ۽ وسڪاري تائين سندس ڀاڄي ٺاھي پيا کائيندا آھن ۽ ٿر جا مالدار ماڻهو پنهنجي مال کي به شوق سان چارين ٿا ۽ آخر تائين سنڱر کوکا ٿي ڇڻندا آھن، جيڪو به مال شوق سان کائيندو آھي. ھن وقت ٿر ۾ ڳاڙھا سيڙڪا پيرون پچي ويا آھن، جيڪي کائڻ ۾ ڏاڍا مٺا ھوندا آھن ۽ غذائيت سان ڀريل اهي ٿري ماروئڙن لاءِ وڏو تحفو آھن، انهن پيرن جو ذائقو ماکيءَ جھڙو مٺو ھوندو آھي، ٿري عورتون ننڍڙا ٻار چيلھ تي مٽڪا ٻڌي پيرون چونڊڻ وينديون آھن ۽ اڌ اڌ ڏينهن تائين پيرون پيون چونڊينديون آھن. انهن جا گيت پيون ڳائينديون آھن ۽ ھر پاسي رونقون بحال ٿي وينديون آھن، ٿري عورتون اھي پيرون سڪائي رکنديون آھن، جن کي ڪوڪڙ چئبو آھي ۽ اھي ڪڏهن به خراب ناھن ٿيندا. پيرنُ جي رس مان ڳڙ به ٺاھيو ويندو آھي، جيڪو ڏاڍو لذيذ ٿيندو آھي، پيرون ٿر جي مال لاءِ وڏو سھارو ٿي پوندا آهن جن کي ڍئو تي کائي مال پنهنجي بک اُجھائيندو آھي. اسان جي ٿر لاءِ اھو ئي ميوو آھي جيڪو ھر ماڻهو شوق ۽ ذوق سان کائيندو آھي، ڪڏهن به منهنجي ٿر کي نظر نه لڳي، شال منهنجو ھي ٿر سدا آباد رھي.

مڪيش ڪمار/مٺي

هاڻ عوام تي ٿورو رحم به ڪريو!

 

حڪومتي ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته 30 اپريل تي پيٽروليم قيمتن ۾ 5 رپين تائين اگھ گھٽائي سخاوت جو مظاھرو ڪري عوام کي رليف ڏنو ويندو. عوام آخر حڪومت جي ڪھڙين ڪھڙين مھربانين جو ٿورو لاھي سگھندو! ڪجھه مھينا اڳ حڪومتي اڪابرن عرف افلاطونن خلق کي پريشان ڪرڻ لاءِ ھڪڙي ھوائي قسم جي ۽ عمل نه ٿيڻ جوڳي تجويز جو ڦٽاڪو مارڪيٽ ۾ ڇڏيو ھو ته 800 سي سي ڪارن ۽ موٽر سائيڪل وارن لاءِ 100 رپيا في لٽر پيٽرول جو اگھ گھٽايو ويندو ۽ ماھوار لمٽ 22 ليٽر ھوندي سو به موبائل ميسيج ذريعي، سو به گاڏي ۽ سم ڪارڊ سندس نالي تي رجسٽرڊ ھوندي. (نه نوَ مڻ تيل گڏ ٿيڻو ھو نه راڌا کي ئي نچڻو ھو) اھا تجويز اچڻ کان پوءِ ملڪ جا افلاطون مٿو مٿي تي ڏئي ٻه ٽي ڏينھن فضول ميٽنگون ڪري، (جيڪي به عوام جي ٽئڪسن تي فضول بار ئي ثابت ٿيون) اوچتو رات جو 12 وڳي 10 رپيا لٽر پئٽرول جا اگھ وڌائي عوام کي ننڊ ۾ ننڊ ڏيڻ جي ڪوشش ثابت ٿيون. عالمي معاشي سامراجي وياجي ادارن کان مختلف بھانن سان وڏن وياجن تي قرض وٺي پنھنجن لڪل اڪائونٽن ۾ جمع ڪرايو، اوڳرائيءَ ڏيڻ بنا مھانگائيءَ جي ماريل عوام کي انگن اکرن ذريعي ٻڌايو ٿو وڃي ته ڪالھ توھان مان ھرھڪ ماڻھون توڙي نئون ڄاول ٻار 10 رپين جو قرضي ھو اڄ 20 رپين جو قرضي آھي. اٽي پاءَ ۾ ڦاٿل خلق ننڌڻڪي ھجڻ ڪري حيران، پريشان، مايوس آھي، غربت کان مجبور ٿي آپگھات پئي ڪري ۽ اسان جا ساڌو حڪمران چور پوليس راند ۾ مشغول آھن، تون چور، تون چور حڪومتي ۽ مخالفين ليڊرن کي گذارش آھي ته تيل جا موجوده اگھ جتي آھن انھن کي اُتي ئي فل اسٽاپ لڳائي ھر ڏھن منٽن کان پوءِ عام استعمال جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڪنٽرول ڪري عوام کي ھڪ اڌ گراھ کائڻ سھوليت ميسر ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته لک لائق، احساسن کان عاري حاڪمن جا.

 

ڊاڪٽر سريش ھوتچنداڻي/ لاڙڪاڻو

حيدرآباد شھر جي تباهيءَ جو ذميوار ڪير؟‎‎

 

حيدرآباد سنڌ جو ٻيون وڏي ۾ وڏو شھر ھئڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جو تاريخي شھر پڻ آھي. پاڪستان توڙي سنڌ جي ترقيءَ ۾ حيدرآباد جو وڏو ڪردار رهيو آهي ۽ ھميشه ملڪ لاءِ هڪ مواصلاتي مرڪز پڻ رھيو آھي، جيڪو ريل ۽ روڊ ذريعي پشاور ۽ ڪراچي سان ڳنڍيل آهي، ان سان گڏوگڏ زميني طور تي هندستاني سرحدي شهرن کوکرو پار ۽ موڻابائو سان پڻ ڳنڍيل آهي. ھن وقت حيدرآباد شھر چار تعلقن تي ٻڌل آهي ۽ ان وڏي شهر جي تقريبن آبادي ھڪ ڪروڙ تائين رسائي حاصل ڪري چڪي آھي. ايڏي وڏي آبادي تي مشتمل شھر کي حڪمرانن ۽ چونڊيل نمائندن پاران ھميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي. شھر جي روڊ رستن، چوڪن، پارڪ جي خراب ۽ ابتر حالت ٿي چڪي آهي ۽ هن شهر جو ڊرينيج جو نظام بلڪل ناڪارا بڻجي چڪو آھي. هن شهر سان ترقي جي نالي تي ڏيکاءَ ڪيو ٿو وڃي، جيڪي روڊ رستا خراب ۽ بُري حالت ۾ آھن انھن جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي ۽ وري جن جي مرمت ڪئي يا ڪرائي ٿي وڃي ته اھا مڪمل نٿي ڪرائي وڃي پر اها سالن تائين جاري و ساري رهي ٿي. شھر جي اھم روڊن تي گٽرن جا ڍڪ غائب ٿيل آھن، جنھن جي ڪري هتي ھر روز حادثا ٿيڻ معمول بڻجي ويا آھن. جڏھن ته روڊن تي لڳل اسٽريٽ لائيٽ پڻ سالن کان بند پيل آھن. ڪروڙ جي آبادي رکندڙ شھر جي صرف ٻن چوڪن تي ٽريفڪ سگنل لڳل آھن سي به استعمال جھڙا نه رھيا آھن. ان کان سواءِ پاڪسان جي هن وڏي شھر جي ھر تعلقي جي ھر علائقي ۾ تقريبن فيملي پارڪ ٺھيل آھن پر انھن کي ڏنل چوديواريون ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي چڪيون آهن، انهن جي سار سنڀال ڪندڙ چوڪيدار ۽ مالھي سالن سان غائب آھن. اسان اعليٰ عدليا کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪامورڪي بدانتظاميءَ خلاف ڪارروائي ڪندي شھر جي ترقيءَ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن. ھن تاريخي شھر جي اھميت کي سمجھندي گھٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو بجيٽ شھر تي خرچ ڪئي وڃي ته جيئن شھر پنھنجي حقيقي مقام تائين رسائي حاصل ڪري سگهي.

 

سمير ساگر قريشي/ حيدرآباد