ملير ۾ نوجوان فارم هائوس مالڪ هٿان قتل، جوابدار گرفتار

0
424

ملير(رپورٽر) ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڊملوٽي 8 نمبر ويجهو واقع نجي فارم هائوس ۾ فارم هائوس جي مالڪ جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 20 ورهين جو نوجوان زبير جوکيو گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويو

ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن ۽ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته لنڪ روڊ ويجهو واقع نجي فارم هائوس ۾ ڊملوٽي واسي ياسين جوکيو جيڪو فارم هائوس تي چوڪيدار طور نوڪري ڪندو آهي

ان جي طبعيت خراب ٿيڻ سبب ان پنهنجي نوجوان پٽ زبير جوکيو کي پنهنجي جاءِ تي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ موڪليو جتي رات جو دير سان فارم هائوس جي مالڪ انس پاران پسٽل جو فائر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان زبير شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل نه ڪيو ويو ۽ هڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ تڙپندو رهيو

فارم هائوس مالڪ پاران واقعي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي نوجوان جي پيءِ ياسين جوکيو کي فون ڪري اطلاع ڏنو ويو ته چورن پاران سولر پليٽون چورائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ چورن جي فائرنگ سبب نوجوان زخمي ٿي پيو آهي

نوجوان جي وارثن پهچي کيس اسپتال منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، ٻئي طرف پوليس ملزم انس کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ ويجهو نوجوان جي قتل بعد ناري کي مارڻ جا به اطلاع