ميرپور خاص، جهڏي ۽ ڊگهڙي ۾ هائوسنگ اسڪيم جي نالي تي فراڊ جو انڪشاف

0
31
ميرپور خاص، جهڏي ۽ ڊگهڙي ۾ هائوسنگ اسڪيم جي نالي تي فراڊ جو انڪشاف
ميرپور خاص، جهڏي ۽ ڊگهڙي ۾ هائوسنگ اسڪيم جي نالي تي فراڊ جو انڪشاف

ميرپور خاص، جهڏي ۽ ڊگهڙي ۾ هائوسنگ اسڪيم جي نالي تي فراڊ جو انڪشاف ٿيو آهي، ميرپورخاص واسي پاران ٽن بلڊرز خلاف ڏيڍ ڪروڙ روپين جي فراڊ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ بلڊر عابد رضا، عامر رضا ۽ شاهد ڪيس ۾ جوابدار نامزد آهن

فريادي الطاف سومرو الزام هنيو ته جوابدارن کيس 27 سئو چورس فُٽ جو پلاٽ ڏيڍ ڪروڙ روپين ۾ ڏنو، بعد ۾ خبر پئي ته جوابدارن ساڳئي پلاٽ جون جعلي رجسٽريز ٻين کي به ڏنيون آهن

پوليس هائوسنگ اسڪيم جي آفيس تي ڇاپو هڻي بلڊر شاهد کي گرفتار ڪري ورتو، عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ڪيسز ۾ نامزد 2 بلڊرز اڃا تائين پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيا