جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ عوامي بڪ هائوس طرفان محمد موسيٰ چانڊيو ۽ شڪيب نواز نوناري جي ميزباني هيٺ صحافي مرحوم خورشيد مستوئي جي نالي سان ٽن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جا ادبي ڪتاب، اسلامي ڪتاب، ڊڪشنريز، ٻاراڻو ادب، عام معلومات ۽ مختلف نالي واري ڇاپيندڙ ادارن جا ڪتاب رکيا جنهن تي خصوصي رعايت ڏني پئي وڃي.