ميان صاحب (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ ميان صاحب ۽ جشن شيخ اياز آرگنائيزنگ ڪاميٽي پاران ھند سنڌ جي شاعر کيئلداس فاني ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.اديبن ۽ شاعرن کيئلداس فاني جي زندگي،فن ۽ سندس شاعري  تي مقالا پيش ڪيا.ڪانفرنس جي صدارت ڪندڙ محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو کيئل داس فاني جي شخصيت کي سنڌي ادب جو روشن باب سڏيندي چيو ته ھن شيخ اياز ۽ نور الدين سرڪي جھڙن عظيم ادبي شخصيتن جي تربيت ڪندي پنھنجي شعور ۽ علمي جوت کي نه فقط سنڌ پر ھند وڃي ۾ روشن ڪيو.مھمان خاص  محمد پنڃل راز مھر چيو ته کيئل داس فاني شيخ اياز جھڙو مھان ڪوي تيار ڪري ڏنو.اعزازي مھمان عابد نياز ميمڻ چيو ته کيئل داس فاني لافاني ۽ لاثاني شاعر آھي. ڪانفرنس ۾ دادا ريواچند، رحيم داد راھي، ڊاڪٽر شريف شاد سومرو ،انور علي سومرو  ،اقبال ساجد، خالد رند ۽ فيض سومرو  پنھنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا.