گھوڙاٻاري ( ن پ ا ) گھوڙاٻاري جي مرڪزي  شھر ور ۾ وياج جو ڪاروبار عروج تي پھچي ويو آھي اٻوجهه ماڻھو ٻي واهه نه ھجڻ  سبب وياجين وٽ ڦاسڻ لڳا. وياجي بااثر ھجڻ سبب پوليس سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لنوائڻ لڳي، ور شهر جي اڪثر ننڍن وڏن ڳوٺن توڙي شهر ۾ وياج جو ڪاروبار عروج تي پھچي ويو آھي. ڪڌي ڪاروبار سبب  ڪيترائي گهر اجڙي تباھه ٿي ويا آهن. اطلاعن موجب ڪيترن وياج وٺندڙ متاثرن پنهجيون ملڪيتون، سونا زيور، دوڪان، زمينون  کپائي ڇڏيون پوءِ به وياج نه ٿو لهي. وياجين جي ڊپ کان ڪيترا ئي غريب ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويا، وياج جو ڪاروبار سرعام هلي رهيو آهي پر  پوليس اگهور ننڊ ستل آھي. ساڃاھ وندن پاران ايس ايس پي ٺٽو ۽ آءِ جي سنڌ کان وياج خورن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.