جيڪب آباد (رپورٽر) ٺل جي ڳوٺ عبدالحميد جعفري يوسي شير واھ جي رھواسين آفاق جعفري، نيڪ محمد بنگلاڻي، نظير احمد جعفري ۽ ٻين ڊي سي ۽ مختيارڪار ٺل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته ڪجھه ڏينھن اڳ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلھوڙو ٺل جي دوري تي آيو، جنهن کي شڪايت ڪئي ھئي ته اسان کي نه راشن مليو آهي نه ئي ٽينٽ ڏنا ويا آھن ان شڪايت کانپوءِ مختيارڪار ٺل   اسان کي نظرانداز ڪري رهيو آهي هنن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جيڪب آباد کي اپيل ڪئي ته اسان جي احتجاج جو نوٽيس وٺي ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي خلاف  ڪارروائي ڪئي وڃي.