دوڙ (ن پ ا) دوڙ اسپتال ۾ سهولتن جي اڻاٺ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي علي لغاري، ظفر بروھي، مجاهد رستماڻي، امان الله بروھي، محبوب خاصخيلي، بادل بروھي ۽ ٻين چيو ته هڪ مهيني کان اسپتال ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته صوبائي وزير صحت جو تڪ هجڻ باوجود ايڏي وڏي آبادي جي اسپتال سهولتن کان محروم آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ سهولتون ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي،