ملاڪاتيار (ن پ ا) بلڙي شاهه ڪريم _ٽنڊومحمدخان روڊ تي نئون پڪو اسٽاپ وٽ تيز رفتار وين سامهون اوچتو رڪشا اچڻ ڪري ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ ڀرسان بيٺل برساتي پاڻي جي اونهي کڏ ۾ ڪري پئي. وين ۾ سوار 22 کان وڌيڪ مسافرن کي مقامي ماڻهن پاڻيءَ مان ڪڍي ورتو، حادثي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، ٻڌايو ويو ته مسافر وين ٽنڊومحمدخان کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو.