جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد چنا پاڙي جي رهواسڻ نينگري ص، ب کي 5 جوابدارن مبينا طور اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، نينگري جي پيءُ يار محمد ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائي، ان سلسلي ۾ ايس ايچ او سول لائن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارثن موجب ته نينگري چنا پاڙي جي هڪ گهر ۾ درزڪو ڪم ڪندڙ عورت کان ڪپڙا سبرائڻ وئي جتي عورت موجود نه ھئي، عورت جي پٽ نينگري کي اهو چئي موٽرسائيڪل تي جانيديرو ناڪي کڻي ويو ته امان اتي موجود آهي، جتي نينگري کي 5 ڄڻن اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، متاثره نينگري کي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا وٺڻ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويندو. هوڏانهن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ته ايس ايس پي جيڪب آباد واقعي جو نوٽيس وٺي 3 ٽيمون جوڙيون آهن جوڙيل ٽيم جي اهلڪارن نينگري سان اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ ٽالاڻي برادري سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو آهي.