ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا 137 واقعا ٿيڻ جو اعتراف، موبائل فون /روڪ رقم جي چوري جا 68، ڪار چوري جا 7، موٽرسائيڪل چوري جا 16 ۽ ٻين چورين جا 46 واقعا رپورٽ ٿيا، ان ڏس ۾  ڪراچي پوليس چيف پاران وزيراعليٰ کي پيش ڪيل  رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ڦورن سان مزاحمت دوران 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ ساحل ولد اڪمل ( سرجاني ٿاڻو)، شهريار ولد جاويد (سرجاني ٿاڻو) ۽ محمد حسيب ولد محمد اجمل (پي گلشن معمار ٿاڻو) شامل آهن. رپورٽ موجب  ڏوهارين سان   8 پوليس مقابلا ٿيا، جن ۾ 9 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته 20 اسٽريٽ ڪرمنل/چور، 2 قاتل ۽ 16 ڪار لفٽر  پڪڙيا ويا. پوليس ڪاررواين دوران 39 غير قانوني هٿيار، 7 ڪلو چرس، 15 چوري ٿيل موبائيل، 41 چوري ٿيل گاڏيون (3 ڪارون ۽ 38 موٽرسائيڪلون) هٿ آيون.