ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  اسٽيٽ بينڪ پاران مسجدن جا اڪائونٽ کولڻ لاءِ بينڪ سربراهن کي خط لکيو ويو آهي، انهي خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته اڪائونٽ نه کولڻ جو رجحان مالياتي شموليت ۽ معيشت کي دستاويز ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهي، خط ۾ اها هدايت ڪئي وئي آهي ته اهُي برابري وارو ماحول پيدا ڪن ، ٽرسٽ، سوسائٽين ۽ ايسوسيئيشن وغيره جا اڪائونٽ کوليا وڃن، خط ۾ لکيو ويو آهي ته غير سرڪاري( اين جي او) ، بنا منافعي ڪم ڪندڙ( اين پي او)  ۽ خيراتي ادارن (چيريٽيز) جا اڪائونٽ کوليا وڃن، خط ۾ بينڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته غير رجسٽرڊ مسجدن کي  رجسٽريشن ڪرائڻ جو مشورو ڏنو وڃي.