ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رينجرز ۽ ڪسٽم سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي بارڊر تي واقع جيڪب آباد ۽ ڪشمور  وارين  چيڪ پوسٽن تي ڪارروايون ڪيون آهن، رينجرز ترجمان موجب ڪاررواين دوران اسمگلنگ ڪري آندل 3 ڪارون، موٽر سائيڪل چينون، انڊين گٽڪو، انجڻ آئل، ٽائر، ڪپڙو، سگريٽ ۽ ٻيون شيون شامل آهن، قبضي ۾ ورتل سامان ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي