حيدرآباد (بيورو رپورٽ) انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي اڳواڻ بوٽا امتياز، وفاقي وزيرن جي مقرري بابت سيڪريٽري  ڪيبنيٽ کي خط موڪلي سوال اٿاريو آھي ته ملڪ ۾ 30 کان وڌيڪ وزيرن جي مختلف کاتن ۾ مقرري ڪھڙي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. بوٽا امتياز آئين جي آرٽيڪل 19 اي، وفاقي حق جي معلومات تائين جي رسائي واري قانون 2017ع تحت وفاقي سيڪريٽري ڪيبنيٽ ڊويزن حڪومت پاڪستان کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته کيس معلومات فراھم ڪئي وڃي ته وزارتون ورھائڻ واري اٿارٽي ڪنھن وٽ آھي جڏهن ته اھا به معلومات ڏني وڃي ته وفاقي وزيرن جي سليڪشن ڪرڻ دوران سندن تعليمي معيار، تجربو، شرط يا ڪھڙا ضابطا طئي ڪيا ويا آھن جنھن جي بنياد تي کين وفاقي وزيرن کي مقرر ڪري وزارتن جي اھم ذميواري ڏني وڃي ٿي. ھن سيڪريٽري ڪيبنيٽ ڊويزن کان وفاقي حقن معلومات تائين رسائي جي قانون 2017ع جي سيڪشن 14 (1) جي مطابق معلومات 10 ڏينھن اندر فراھم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آھي.