سکر (بيورو رپورٽ) سنڌو درياءَ جي ٻيٽ تي واقع هند سنڌ جي مشهور تيرٿ آسٿان ساڌ ٻيلو ۾ بابا بنکنڊي مهراج  جي 169هين سالياني ميلي جون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون. سالياني ميلي جي موقعي تي آرنڀ صاحب، سنت بابا بنکنڊي مهراج جي مورتي کي سوني مالها ۽ چاندي جو تاج پارايو ويو. جڏهن ته خصوصي پوڄا پاٺ ڪري بهراڻو صاحب کنيو ويو، جنهن کانپوءِ سنت ساڌو ڏيئا ٻاري جوت جلائي ٻيڙيءَ تي سوار ٿي سنڌو بادشاهه کي ڀيٽا پيش ڪئي. شري گرو گرنٿ ۽ گيتا صاحب جو ڀوڳ صاحب ڪيو ويو، ان کان علاوه سنڌ جي سڀني آستانن جي سنتن، مهاتما پرچارڪن، ڌرمهاتمائن منڊل درشن ڏئي سنگت کي ست سنگ جو آنند وٺرايو، ۽ خصوصي طور تي ملڪ ۽ سنڌ جي ترقي خوشحالي لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون. بابا بنکنڊي مهراج جي 169هين ميلي جي موقعي تي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا. پوري ملڪ مان عقيدتمندن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.